ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اورنگي ٽائون نمبر 5 ۾ پوليس يونيفارم ۾ ڌاڙيل گهر مان سونا ۽ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.گهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي رڪارڊنگ به غائب ٿي وئي، گهٽي ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي وڊيو ۾ پوليس جي گاڏي نظر آئي، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس موجب متاثرن جو الزام آهي ته جوابدار پوليس يونيفارم ۽ سادو ڪپڙن ۾ گهر ۾ داخل ٿيا.متاثرن دعويٰ ڪئي ته جوابدار پوليس موبائلن، پڪ اپ ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن ۾ سوار ٿي 2 ڪروڙ رپيا، 70 کان 80 تولا سون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري ويا.متاثرن جو چوڻ هو ته هٿياربند جوابدارن جو انگ 15 کان وڌيڪ هو، گهر ۾ موجود ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ بعد ڦرلٽ ڪئي، جوابدارن 2 ڀائرن کي به اغوا ڪيو، جن کي بلوچ پل وٽان قتل ڪيو ويو.ايس ايس پي ويسٽ موجب واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته پوليس ڪٿان آئي ۽ ڇو آئي.ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو ته رپورٽ ملي آهي ته سائوٿ زون جي اعليٰ آفيسر جي گاڏي سي سي ٽي وي ۾ نظر آئي آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا ته ڪارروائي ڪئي ويندي. قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
