پوليس جو ڪارنامو، جوبدار نه ملڻ تي سندس ڳورهاري زال گرفتار

مانجهند (ن س )مانجهند مان 10 ڏينهن اڳ نواب شاه پوليس طرفان مبينا شڪي جوابدار جي عيوضي ۾ کنڀيل 8 مهينن جي ڳورهاري ۽ 4 معصوم ٻارڙن جي ماء بازياب نه ٿي سگهي وارثن سياسي سماجي ڌرين جو سخت احتجاج علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ريلي ڌرڻو اڀ ڏاريندڙ نعريبازي،تفصيل موجب مانجهند مان گذريل 10 ڏينهن اڳ مبينا شڪي جوابدارن جي عيوضي ۾ کنڀي گم ڪيل 8 مهينن جي ڳورهاري گهر واري جي بازيابي لا حاجاڻا برادري جو معصوم ٻارڙن سميت سياسي سماجي ڌرين سان گڏ شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪندي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي محمد صالح حاجاڻو غلام رسول حاجاڻو ايس يو پي اڳواڻ علي نواز ڪنڀر يوسف عمراڻي جسقم اڳواڻ گلشير کوسو ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار ملاح ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت نواب شاه سي آء اي پوليس 10 ڏينهن اڳ مانجهند ۾ آڌي رات جو شير محمد حاجاڻو جي گهر تي چڙھائي ڪندي چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي سندس غير موجودگي ۾ 8 مهينن جي ڳورهاري گهرواري حسنا حاجاڻو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنھن جي خبر پئي آھي ت کيس نواب شاه سي آء اي پوليس گم ڪري ڇڏيو آھي کين ڪاب ملاقات نٿي ڪرائي وڃي جڏھن ت عورت جي آزادي لاء 3 لک روپيا پڻ گهر ڪئي وئي آھي جنهن خلاف عدالت ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪرائي آھي هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت فوري طور عورت کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو