پورهيت کي قتل ڪرڻ جا چئوٻول، خون لوڙهڻ جي ڪوشش

ٽنڊو غلام حيدر ( ن س)ٽنڊو غلام حيدر سومرا فارم ڀرسان پورهيت کي پراسرار نموني قتل ڪرڻ جا چئوٻول نوجوان قتل ٿيڻ بعد معاملي کي اتفاق جو رنگ ڏئي خون کي ناحق لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهم ذريعا ؟ مال جي واڙي تي بااثر سيٺ پسٽل جا سڌا فائر ڪري جهوپڙي ۾ رهندڙ 16 ورهين جي مسڪين پورهيت سومار پٽ ويرسي ڪولهي کي قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي ٽنڊو غلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پورهيت فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتان ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي جا وارث منظر عام تان غائب قانوني جاچ سميت ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ٻي طرف اهم ذريعن کان اهو به پڻ معلوم ٿيو آھي ته بيگناھ قتل ٿي ويل مسڪين پورهيت جو لاش دفنائڻ کان پهرين ئي بااثرن پاران مسڪين جي خون کي لوڙهڻ لاء سرگرم ٿي ويا آھن نوجوان پورهيت کي قتل ڪندڙ جو تعلق هڪ بااثر شخص جي پٽ طور سامهون اچي ويو پوليس به هن معاملي ۾ خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي اهڙي سنگين مسئلي جو آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي گهرجي ته ترت نوٽيس ورتو وڃي ۽ شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن بيگناه قتل ٿيل مسڪين پورهيت جي خون سان انصاف ٿي سگهي ۽ بااثر قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو