پني عاقل ۾ ٻارڙا گٽر ۾ ٻڏي فوت

پنو عاقل (ن س)پنو عاقل ۾ کليل گٽر نالي ڪرڻ سبب 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، ايمبولينس نه ملڻ سبب ٻارڙن جا وارث سندن مڙهه موٽر سائيڪل تي کڻائي اسپتال پهتا،انڍڙ ڪالوني ۾ چئن ورھين جي نينگري ازنه انڍڙ ۽ مھيسر پمپ ويجھو نينگر اظھر شيخ خوني گٽر نالي ۾ ٻڏي فوت ٿيا،پنوعاقل اسپتال جي ڊاڪٽرن ٻارڙن جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد وارث لاش گھر کڻائي ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو