پني عاقل ۾ قتل ٿيل شخص جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو ڌرڻو

پنوعاقل (ن س ) پني عاقل ۾ گذريل ڏينهن مبينا قتل ٿيل شخص جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، پني عاقل ڀرسان گذريل ڏينهن مبينا قتل ٿيل شخص جي وارثن طرفان قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو،گذريل رات ڦلپوٽا ڌرين ۾ جهيڙي دوران مبينا قتل ٿيل ڌڻي بخش ڦلپوٽو جي وارثن ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو،پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري تي احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو