پنجاب ۾ 3 ڄڻا ڊينگي ۾ مبتلا، صحت کاتي جي تصديق

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب صوبي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڊينگي جا 3 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي موجب هلندڙ سال صوبي جي 36 ضلعن ۾ ڊينگي جا 15 هزار 185 ڪيس سامهون آيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن لاهور ۾ ڊينگي جا 2 ۽ فيصل آباد ۾ 1 نوان مريض سامهون آيا آهن.پنجاب جي صحت کاتي موجب پنجاب جي اسپتالن ۾ هن وقت ڊينگي جا 7 مريض علاج هيٺ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو