لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪورٽ فيس ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.گورنر پنجاب سردار سليم حيدر جي منظوري کانپوءِ بورڊ آف روينيو پنجاب ڪورٽ فيس ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب هڪ ڀيرو جي ڪورٽ فيس 1000 رپيا آهي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ مان آرڊر يا فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي لاءِ هڪ دفعي 500 رپيا ڪورٽ فيس مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ٽيننسي ايڪٽ 1887 تحت بورڊ آف روينيو يا ڪمشنرز کي نظرثاني جي درخواست تي هڪ ڀيرو 500 رپيا ڏنا ويندا.ڪورٽ فيس جڏهن ته سي پي سي سيڪشن 15 تحت هاءِ ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست لاءِ هڪ دفعي فيس 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ڪسٽم، ايڪسائيز، لينڊ روينيو، سول ڪورٽ ڪيسن ۾ 10 هزار رپين کان گهٽ ماليت جي درخواستن تي ڪورٽ فيس 10 رپيا ۽ ڪورٽ روينيو يا ڪرائي تي ڏيڻ واري درخواست تي ڪورٽ فيس 10 رپيا ڪئي وئي آهي.










