لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڳجهي اطلاع تي 475 ڪارروايون ڪيون جنهن دوران 33 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب اهي ڪارروايون لاهور، گوجرانوالا، ميانوالي، بهاولپور، ننڪانہ، رحيم يار خان، ڀڪر ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيون ويون.لاهور مان پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار جي خطرناڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو آهي.گرفتار دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، آپگهاتي ويسٽ، 2 دستي بم، 26 ڊيٽونيٽرز، گوليون، هٿيار، موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي آهي.اهي دهشتگرد مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ماڻهن ۾ خوف ۽ حراس پکيڙڻ چاهين پيا.سي ٽي ڊي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرعزم آهيون.










