پنجاب جي مختلف شهرن مان 7 دهشتگرد گرفتار

پنجاب جي مختلف شهرن مان 7 دهشتگرد گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) صوبي جي مختلف شهرن مان 7 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب اهي ڪارروايون لاهور، ڀکر، اٽڪ، وهاري، بهاولپور ۽ جهنگ ۾ ڪيون ويون.ترجمان سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته لاهور ۽ بکر مان فتنا الخوارج جي 2 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ حيات الله، شان خان، محمد صديق، ظهور احمد، اڪرام خان، مبشر علي ۽ خان جي نالن سان ٿي آهي.سي ٽي ڊي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو، ڊيٽونيٽر، 9 گوليون ۽ ٻيو هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار جوابدار مختلف هنڌن تي دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ چاهيندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو