پنجاب بورڊ اجلاس،چونڊ وڙهندڙن جا نالا پيش،ڪارڪردگي تي ڳالهيون

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني هائبرڊ بورڊ جو اجلاس ٿيو،پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي پارلياماني بورڊ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منظوري لاءِ پنجاب جي سمورين پارٽين مان مناسب اميدوارن جا نالا پيش ڪري ڇڏيا،پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجاب پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ تير جي نشان تي چونڊ وڙهڻ جي خواهش رکندڙ اميدوارن جي نالن تي غور ڪيو ويندو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجاب پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ اميدوارن جي انگن اکرن، عوامي رابطن جي مضبوطي ۽ ماضي جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، پنجاب پارلياماني بورڊ جي اجلاس ۾ ترقي پسند جمهوري سياست لاءِ سندن نظرياتي وابستگي سميت اميدوارن جي قابليت ۽ صلاحيت جي مختلف پهلوئن تي غور ڪيو ويو،نيئر بخاري، راڻا فاروق سعيد، ثمينه خالد گهرڪي، حسن مرتضيٰ، شهزاد سعيد چيما، اسلم گل ۽ سردار سليم حيدر،قمر زمان ڪائره، آصف بشير ڀگٽ، تسنيم قريشي، سيد عنايت علي شاهه، راءِ شاهجهان ڀٽي،مهر غلام فريد،چوڌري منظور، نديم افضل چن، اورنگزيب برڪي، عامر پراچا ۽ ذوالفقار علي بدر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا

پهنجو تبصرو موڪليو