پناهگيرن جيستائين نه ويندا ته سنڌ ۾ امن امان نه ٿي سگهندو

پناهگيرن جيستائين نه ويندا ته سنڌ ۾ امن امان نه ٿي سگهندو

حيدرآباد ( ن س ) جيستائين سنڌ مان افغان پناهگيرن سميت سمورن ڌارين کي نيڪالي نه ڏني ويندي تيستائين سنڌ ۾ امن امان نه ٿي سگهندو. سنڌ جي اندر بدامني، منشيات فروشي ، اغوائن ۽ اسمگلنگ ۾ ڌارين آبادڪاري ملوث آهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سجاول ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ نوجوانن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ سنڌين جو مادر وطن آهي جنهن کي رب پاڪ هر نعمت سان مالا مال ڪيو آهي جيڪڏهن سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ٿين ته سنڌ دبئي بڻجي وڃي ۽ ڪو ماڻهو سنڌ جو بک يا بيروزگاري ۾ نه هجي پر سنڌ سان مسلسل ناانصافي ٿيندي پئي رهي سنڌ جو جاگيردار، وڏيرو سدائين پنهنجي ذاتي خصيص مفادن خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪندو رهيو آهي. هن چيو سنڌ جي اندر وڌندڙ بدامني ۾ هڪ پاسي سنڌ جو جاگيردار ۽ ڀوتار شامل آهي ته ٻئي پاسي افغان پناهگير شامل آهي جيڪو نه صرف سنڌ ۾ خطرناڪ موتمار هٿيارن جي اسمگلنگ ڪري ٿو پر ان سان گڏ سنڌ اندر منشيات فروشي ۾ شامل آهي. جيستائين هنن افغان پناهگيرن سميت سمورن ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي نه ڏني ويندي تيستائين سنڌ ۾ امن امان نه ٿي سگهندو. هن چيو افغان پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ سکڻن اعلانن جي بدران حڪمرانن کي سنجيدگي سان عملي قدم کڻڻ گهرجن. ايس ٽي پي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ايس ٽي پي سگهه بڻجي سنڌ جي خوشحالي جي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي سنڌ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جاگيردارن سردار ۽ ڀوتارن جو مقابلو ڪندي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جا اڳواڻ شاهنواز سيال، غني ملاح ، جمن سنڌي ، واحد خاصخيلي، ڪريم پليجو، گل حسن رند ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو