ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III منصوبي جي فنڊن جي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي چاڪاڻ تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III منصوبو شهر جي ضرورت آهي، واٽر ڪارپوريشن، ڪنسلٽنٽ ۽ ٺيڪيدار متفق ٿي ٻڌائين تہ فنڊن جي ادائيگي کانپوءِ منصوبو ڪيتري وقت ۾ مڪمل ٿيندو، اهڙن خيالن جو اظهار ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III ماريپور جو دورو ڪندي ڪيو، دوري جي موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، ٽائون چيئرمين ڪياماڙي همايون خان، ڊپٽي پارلياماني ليڊر ڪي ايم سي دل محمد، سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، پي ڊي ايس ٿري محمد حنيف بلوچ سميت سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III جا ڪنسلٽنٽ پڻ موجود هئا، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي اي او واٽر ڪارپوريشن پاران ميئر ڪراچي کي سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III مان 54 ايم جي ڊي پاڻي ٽريٽ ڪيو پيو وڃي جڏهن تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III جي گنجائش 54 ايم جي ڊي مان وڌائي 100 ايم جي ڊي ڪئي ويندي، هن ٻڌايو تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-I تي ڪم جاري آهي جنهن مان 35 ايم جي ڊي پاڻي ٽريٽ ڪيو ويندو، سي اي او واٽر ڪارپوريشن ميئر ڪراچي کي درخواست ڪندي چيو تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاء فوري طور تي سمورا فنڊ فراهم ڪيا وڃن، ان موقعي تي ميئر ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن کي يقين ڏياريندي چيو تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III منصوبي جي فنڊن بابت نگران وڏي وزير سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ويندي چاڪاڻ تہ سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ TP-III منصوبو شهر جي ضرورت آهي
