پشاور کان ڪراچي تائين هلندڙ عوام ايڪسپريس بحال

پشاور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ريلوي پاران پشاور کان ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس ٽرين کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.ريلوي اختيارين موجب عوام ايڪسپريس کي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن کان ڪراچي لاءِ روانو ڪيو ويو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽرين 35 ڪلاڪن ۾ 360 مسافرن کي کڻي ڪراچي پهچندي، عوام ايڪسپريس ۾ 1500 مسافرن جي گنجائش آهي ۽ ان جو ڀاڙو 4 هزار رپيا في مسافر مقرر ڪيو ويو آهي.ريلوي عملدارن موجب عوام ايڪسپريس سروس آگسٽ 2022 ۾ ٻوڏ سبب معطل ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو