پسند جو پرڻو ڪندڙن جوڙي جي تحفظ لاءِ عدالت ۾ درخواست

خيرپور (ن سنڌيار) ڪوٽڏيجي جي علائقي ڳوٺ رند حاجاڻه جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات ريحانه خاتون ڌيءَ عبدالحڪيم رند ۽ نوجوان امتياز علي ولد امداد علي رند گهران نڪري خيرپور ۾ پنهنجي وڪيل سميع الله رند جي معرفت عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ناريءَ جي مائٽن طرفان جوڙي کي ڪارو قرار ڏيئي قتل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اهڙن اطلاعن سبب جوڙو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ دربدري جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ تحفظ خاطر خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو