حيدرآباد (پ ر) غيرقانوني غيرملڪين جي نيڪالي جي مهلت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن پر سنڌ ۾ موجود غيرملڪي اڃا به موجن ۾ آهن، انهن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ وفاق توڙي سنڌ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو به ناهي ڪيو. غيرقانوني غيرملڪين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت جو سنڌ سان ٻٽو معيار مذمت جوڳو عمل آهي. غيرقانوني غيرملڪين جي نيڪالي لاءِ فقط لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ ڪريڪ ڊائون هلندڙ آهي، انھن جا اسڪول بند ڪيا ويا آھن، افغان بستيون ڊاٺيون ويون آھن، ڪاروبار بند ڪيو ويو آھي باقي سنڌ ۾ غيرملڪي اسمگلرن جو تحفظ ڪيو پيو وڃي. ڇا وفاق سنڌ کي ملڪ جو حصونٿو سمجھي جو وفاقي سرڪار سنڌين مٿان غيرملڪين کي مسلط ڪري رهي آهي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽي ,قادر ڀٽي ۽ ايڊووڪيٽ نجيب مھيسر پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آهي ته پشاور ۾ غيرقانوني غيرملڪين جون ملڪيتون ضبط ڪيون پيون وڃن پر بدقسمتي سان سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ بااثر ڌرين جي سھولتڪاري ۾ غيرقانوني غيرملڪين کي سنڌ جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺهرائي ڏنا ويا آهن. سنڌ ۾ هڪ به غيرقانوني غيرملڪي جو شناختي ڪارڊ بلاڪ ناهي ٿيو، ڪنهن هڪ به غيرقانوني غيرملڪي جي ملڪيت ضبط ناهي ٿي. جڏھن تہ غيرقانوني غيرملڪين جو تعداد ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ آھي. ڪراچي بد امني ڪيس ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ھئي تہ ڪراچي ۾ 40 لکن کان بہ وڌيڪ غيرملڪي غيرقانوني طور رھن پيا، ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر پڻ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ اھو اعتراف ڪيو ھو تہ نادرا وارن 30 کان 40 لک غيرملڪين کي جعلي شناختي ڪارڊ ٺاھي ڏنا آھن، پر اھي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڪارڊ ٺاھيندڙ قوتن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاءِ ڪو بہ بندوبست ناھي ڪيو ويو جنهن مان اھو واضع ٿئي ٿو ته ملڪ جا حڪمران سنڌين مٿان غيرمڪين جو تسلط قائم رکڻ واري آمريڪي سامراجي سازش تي ھلي رھيا آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آھي ته حڪومتي اعلانن تي ڀاڙڻ بدران سنڌ جي گھڻگھرن ۽ ساڃاھ وندن کي اپيل آھي ته جنھن علائقي ۾ غير ملڪي ھجن انھن جو اطلاع واسطيدار ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ضلعي انتظاميه کي ڪن ان کان پوءِ به افغانين سميت غير ملڪين خلاف ڪا قانوني ڪارروائي نه ٿئي ته پرامن احتجاج ڪن ته جيئن سنڌ ۾ موجود لکين افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي ڏيھ نيڪالي ڏيئي سگھجي.
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب