ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمٰن ميمڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن جي مسئلن جي حل لاءِ اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ جي بيرڪ نمبر 95 ۾ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر ۽ سيڪريٽري صحافين کي الاٽ ڪيل پلاٽن تي غير قانوني حددخلين خلاف ڪامياب آپريشن ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ تي سنڌ حڪومت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ آفيسرن جو شڪريه ادا ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ميمبرن جي مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪيل هي ڪميٽي بهترين مشوري ۽ سهڪار سان ڪم ڪري رهي آهي، جنهن سان صحافين جا مسئلا تيزي سان حل ٿي رهيا آهن. اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي باقي رهيل ميمبرن کي پلاٽ الاٽمينٽ تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي پريس ڪلب جي باقي 700 ميمبرن لاءِ پلاٽن جي الاٽمينٽ لاءِ اٽڪل 125 ايڪڙ زمين جي ضرورت آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي باقي 700 ميمبرن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ لاءِ ڪيماڙي ضلعي ۾ زمين جي موجودگي جي پڻ نشاندهي ڪئي وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ڄاڻايل زمين لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايل ڊي اي) جي انتظام هيٺ آهي.اجلاس ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، ڊائريڪٽر جنرل لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي سيد شبيه الحسن، ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي جنيد اقبال خان، ڊپٽي ڪمشنر ملير سعيد لغاري، سيڪريٽري ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ايم عرفان، ڊي ايس لينڊ يوٽيلائيزيشن غضنفر علي عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر لينڊ زيشان احمد خان، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سوائي خان ڇلگري، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن حسن اصغر نقوي، انفارميشن آفيسر سريش ڪمار ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
