لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري شجاعت حسين جو پٽ چوڌري سالڪ چوڌري پرويز الاهي کي وڏو وزير رکڻ جي حق ۾ ناهي.اجلاس ۾ سعد رفيق، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، سالڪ حسين ۽ طارق بشير چيما شرڪت ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم صلاح مشوري کانپوءِ هدايتون ڏنيون ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي.










