پبلڪ لائبريري ۽ ڊسپلي سينٽر جي بحالي لاءِ شاگرد تحريڪ جو احتجاج

حيدر آباد(ن س)سنڌي شاگرد تحريڪ يونٽ ٽنڊوڄام طرفان ٽنڊو ڄام پبلڪ لائبريري ۽ ڊسپلي سينٽر جي بحالي لاء، ٽنڊو ڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب سنڌي شاگرد تحريڪ حيدرآباد جي نائب صدر سرمد خوشحال، جنرل سيڪريٽري عرفان لاشاري، يونٽ ٽنڊوڄام جي صدر سرمد موريو، طارق موريو، درشن شرما، جنيد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ اندر لائبريرين جي تمام گهڻي کوٽ آهي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ جي هر يونين ڪائونسل سطح تي لائبريريون قائم ڪيون وڃن ها پر ويتر جن علائقن ۾ لائبريريون موجود آهن، انهن کي پڻ هڪ رٿا تحت تالا هڻي بند ڪيو ويو آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٽنڊو ڄام پبلڪ لائبريري ۽ ڊسپلي سينٽر کي انتظاميا بنا ڪنهن جواز جي تالا لڳائي ڇڏيان آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي شاگردن جي پڙهائي پڻ متاثر ٿي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ٽنڊو ڄام پبلڪ لائبريري کي جلد کان جلد بحال ڪري، ڪتاب، فرنيچر ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ جدوجهد جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو