ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آھي تہ پاڻي تي رڳو شهرين جو حق آهي، جيڪو ڪنھن کي بہ چوري ڪرڻ جي هرگز اجازت نہ ڏني ويندي، ان سلسلي ۾ سڄي شهر ۾ قائم سمورن غير قانوني هائيڊرنٽس کي ڊاهيو ۽ ڪنيڪشن کي ڪٽيو وڃي، شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي سميت درپيش ٻيا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز واٽر ڪارپوريشن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن جي حل لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، پارلياماني ليڊر ڪي ايم سي سيد نجمي عالم، پي پي پ اڳواڻ ڪرم الله وقاصي ٽائون چيئرمين سهراب ڳوٺ لالا عبدالرحيم سميت مختلف پي پي اڳواڻ ساڻس گڏ هئا، اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان، چيف انجنيئر واٽر محمد حنيف بلوچ، چيف انجنيئر ڊبليو ٽي ايم ظفر پليجو، چيف انجنيئر بلڪ سڪندر زرداري سميت سمورن ضلعن جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن ۽ لاڳاپيل ايگزيڪيوٽو انجنيئرن شرڪت ڪئي، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب اجلاس ۾ سهراب ڳوٺ ٽائون سميت سڄي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي مختلف مسئلن جي حل لاءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس دوران ميئر ڪراچي کي مختلف ٽائون چيئرمينن ۽ ٻين پي پي پ اڳواڻن پاران درپيش مسئلن کان آگاهي ڏيندي چيو تہ سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، ميئر ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ سهراب ڳوٺ ٽائون سميت شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪيا وڃن، هن واٽر ڪارپوريشن جي عملدارن کي چيو تہ شهر ۾ قائم سمورن غير قانوني هائيڊرنٽس کي ڊاهيو ۽ ڪنيڪشن کي ڪٽيو وڃي ڇاڪاڻ پاڻي تي رڳو شهرين جو حق آهي جيڪو ڪنھن کي بہ چوري ڪرڻ جي هرگز اجازت نہ ڏني ويندي ھن وڌيڪ چيو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي سميت درپيش ٻيا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ڇاڪاڻ تہ شهرين کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي منشور ۾ شامل آهي.










