اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1 مريض ان وبا سبب حياتي وڃائي ويٺو.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) موجب گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 4 هزار 403 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 13 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي.اين آءِ ايڇ جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.30 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته ڪورونا ۾ مبتلا 17 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.ڪراچي ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 4.76 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 0.60 سيڪڙو جڏهن ته لاهور ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 0.32 سيڪڙو آهي.










