ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آهي ته اسرائيل هڪ ناجائز ۽ غاضب رياست آهي جنهن آمريڪي ۽ برطانوي سامراج جي آشيرواد سان فلسطين جي اصل رهاڪن کي بيدخل ڪري قبله اول بيت المقدس سميت نبين جي سرزمين تي قبضو ۽ اصل ڌرتيءَ واسين لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏي آهي.اهڙي فاشسٽ ۽ قابض رياست سان تعلقات جي بحالي جون ڳالهيون پوري قوم لاءِ ڳڻتي جوڳيون ۽ شهيدن جي خون سان غداري آهي، حڪومت پاڪستان اهڙي ڪابه حرڪت ڪئي ته پاڪستان جو غيرتمند عوام ڀرپور مزاحمت ڪندو. صوبائي امير اڄ هڪ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ناجائز ۽ ظالم اسرائيلي رياست کي تسليم نه ڪري، سوال اهو اهي ته لکين فلسطينن جي سرزمين ۽ علائقي ۾ موجود اسلامي ورثي کي نظرانداز ڪري امن ڪئين قائم ڪري سگهجي ٿو.؟ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ نريندرا مودي جي فاشزم ۽ ڪشمير مسئلي تي سودي بازي واري سازش تي مُهر هڻي ڇڏيندو جماعت اسلامي اهڙي ڪنهن به ناپاڪ سازش خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندي. سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ، اين جي اوز ۽ لبرل دانشور طبقي پاران اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جو واحد حل اسرائيل کي تسليم ڪري معاشي فائدا حاصل ڪرڻ آهي، رجيم چينج جي امريڪي منصوبي جو اصل هدف ظاهر ٿي چڪو آهي، نئين نسل جي ذهن سازي ۽ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ڪوشش نه رڳو پاڪستاني قوم سان خيانت هوندي بلڪه بانيءَ پاڪستان جي اصولن جي به ڀڃڪڙي هوندي. صحيحوني رياست جي باري ۾ معمولي لچڪ ڏيکارڻ به ڪشمير جي حوالي سان اسان جي موقف کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي، رياستن جا فيصلا عوامي امنگن ۽ زميني حقيقتن موجب هئڻ گهرجن نه ڪي ڪنهن نام نهاد سُپر طاقت جي اشارن جي تابع، عوام ڪڏهن به اهڙي فيصلي کي تسليم ڪونه ڪندو جنهن سان لکين فلسطيني عوام جي رت سان رڱيل هٿن ۽ ظالم رياست کي هٿي ملي.#
