پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع شروع

پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025ع شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم 2025 شروع ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزير ۽ وڏا وزير فورم ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ فورم کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪري معاشي استحڪام ممڪن ٿيو آهي، ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ قانونن کي آسان بڻايو پيو وڃي.علي پرويز ملڪ جو چوڻ آهي ته مائننگ هڪ صوبائي شعبو آهي، جنهن لاءِ صوبن سان مڪمل صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن.هن چيو ته ايس آءِ ايف سي، پيٽروليم ڊويزن ۽ لاڳاپيل ادارا معدني شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن. فورم جو مقصد پاڪستان جي معدني وسيلن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ آهي. فورم کي خطاب ڪندي واپار واري وزير ڄام ڪمال چيو ته بلوچستان ۾ وڏي معدني صلاحيت آهي ۽ سيڪيورٽي جي لحاظ کان سيڙپڪارن لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.واپار واري وزير ڄام ڪمال چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، ۽ معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪجهه سالن لاءِ نه پر ڊگهي مدت لاءِ آهي. ٻئي طرف، سعودي نائب معدنيات واري وزير فورم کي خطاب ڪندي چيو ته اهي معدنيات جي ترقي لاءِ پاڪستان سان ڀائيواري جو جائزو وٺندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات ۾ صلاحيت آهي.فورم کي بيرڪ گولڊ جي صدر ۽ سي اي او مارڪ برسٽو خطاب ڪري رهيا آهن.سي اي او بيرڪ گولڊ چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معدني وسيلن جي ڪري منفرد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو