پارلياماني بورڊ اجلاس، اليڪشن جون تياريون تيز ڪرڻ جون هدايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پارلياماني بورڊ سنڌ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ فريال ٽالپر، نثار کهڙو، وقار مهدي، مراد علي شاهه، عاجز ڌامراهه ۽ ٻيا شريڪ ٿيا جڏهن ته ناصر شاهه، سعيد غني، عبدالقادر پٽيل ۽ مڪيش ڪمار چاولا به شرڪت ڪئي.اجلاس دوران پ پ سنڌ جي پارلياماني بورڊ چونڊن ۾ تڪيٽن ڏيڻ بابت تجويزون ڏنيون جڏهن ته اڳواڻن 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي انتطامن بابت به تجويزون ڏنيون. بلاول ڀٽو زرداري پاران پارٽي اڳواڻن کي اليڪشن جون تياريون تيز ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو