واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ٽِڪ ٽاڪ اها سوشل ميڊيا ايپ آهي جيڪا ويجهڙائي وارن سالن دوران تمام گهڻو تيزي سان مقبول ٿي آهي ۽ نوجوانن جو وڏو انگ ان ذريعي پئسا پڻ ڪمائي رهيو آهي.وڊيو شيئرنگ ايپ جي ماهوار واهپيدارن جو انگ ٻه هزار ايڪويهه ۾ هڪ ارب تائين پهچي چڪو هو ۽ ڪيئي نوجوان هن پليٽ فارم ذريعي ڏسندي ئي ڏسندي سُپر اسٽار بڻجي ويا ۽ لکين جي تعداد ۾ ماڻهو کين پسند ڪرڻ لڳا. پر ٽِڪ ٽاڪ ذريعي پئسا ڪمائڻ لاءِ اوهان جي فالوورز جو انگ لکن ۾ هجڻ ضروري نه آهي، حقيقت ۾ گهٽ فالوورز وارا اڪائونٽ به پئسا ڪمائي سگهن ٿا. ٽِڪ ٽاڪ ذريعي پئسا ڪيئن ڪمائجن ۽ ڪيترا فالوورز هجڻ ضروري آهي؟ٽِڪ ٽاڪ طرفان ان ڏس ۾ ڪيئي پروگرامن جي آڇ ڪئي پئي وڃي جهڙوڪ ايڊ ريونيو شيئرنگ پروگرام، سبسڪرپشن فيچر فار اسٽريمرز، ورچوئل گفٽ پراڊڪٽس ۽ ٻيا شامل آهن. هر پروگرام لاءِ فالوورز ۽ وڊيو جو انگ مختلف آهي. ان لاءِ صارف جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال هجڻ ضروري آهي جڏهن ته ڏهه هزار فالوورز ۽ گذريل 30 ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک وڊيو ويوز جهڙا شرط پورا ڪرڻا پوندا.ايڊ اينڊ ريونيو شيئرنگ پروگرام يا ٽِڪ ٽاڪ پلس ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال جڏهن ته هڪ لک فالوورز جو هجڻ ضروري آهي، اهڙي طرح گذريل 30 ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ پنج وڊيوز جو پوسٽ ٿيڻ به لازمي شرط آهي. ان لاءِ 18 سال عمر ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار فالوورز لازمي شرط آهن. لائيو اسٽريم ۾ ورچوئل گفٽ حاصل ڪرڻ ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ عمر 18سال جڏهن ته هڪ هزار فالوورز جو شرط پورو ڪرڻو پوندو.ان پروگرام لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال جڏهن ته فالوورز جي انگ 10 هزار هجڻ ضروري آهي. ان لاءِ 18 سال عمر ۽ هڪ لک فالوورز جو هجڻ ضروري آهي. ان پروگرام تحت گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هزار فالوورز ۽ گذريل 30 ڏينهن دوران هڪ لک وڊيوز ويوز جو شرط پورو ڪرڻو پوندو، ها پر اِها ڳالهه پرڻ ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ان پروگرام ( ان جو نالو ڪرئيٽويٽي پروگرام آهي) ۾ شامل ٿيڻ تي ڪرئيٽر فنڊ جو حصو بڻجڻ ممڪن نه هوندو.هي پروگرام فلحال آمريڪا، فرانس، برطانيا، اٽلي ۽ جرمني جي واهپيدارن لاءِ دستياب آهي، ان ۾ شموليت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال هجڻ ضروري آهي.
