ٽوئيٽر پاران ٻن ملڪن جي نوان صارفين کان وصول ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)سيپٽمبر 2023 ۾ ايلون مسڪ اشارو ڏنو ته سڀني صارفين کي ايڪس استعمال ڪرڻ لاء هڪ مهيني فيس ادا ڪرڻو پوندو، ۽ هاڻي منصوبي تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي.ڪمپني هڪ نئين سبسڪرپشن پروگرام جي آزمائش جو اعلان ايڪس استعمال ڪندڙ نيوزيلينڊ ۽ فلپائن لاءِ ڪيو آهي ڪمپني موجب هن نئين پروگرام جو مقصد سوشل پليٽ فارم تي چيٽ بوٽس جي ڦهلاءَ کي روڪڻ آهي.ايڪس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن نئين پروگرام جي آزمائش 17 آڪٽوبر کان 2 ملڪن ۾ شروع ڪئي پئي وڃي.پروگرام تحت، جيڪي ماڻهو نيوزي لينڊ ۽ فلپائن ۾ ايڪس تي نوان اڪائونٽ ٺاهي رهيا آهن انهن کي پنهنجي فون نمبر جي تصديق ڪرڻي پوندي ۽ پوءِ پوسٽ، پسند، جواب، ٻيهر پوسٽ ۽ بک مارڪس جهڙيون خاصيتون استعمال ڪرڻ لاءِ $1 سالياني فيس ادا ڪرڻي پوندي.بيان موجب هي نئون پروگرام اسپام پوسٽن ۽ چيٽ بوٽس جي سرگرمين کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو.بيان ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته هي ايڪس تي اسپامرز ۽ چيٽ بوٽس کي منهن ڏيڻ لاء سڀ کان وڌيڪ طاقتور اوزار هوندو، پر اهو موجوده استعمال ڪندڙن تي لاڳو نه ٿيندو.مپني چيو چيو ته نوان استعمال ڪندڙ جيڪي رڪنيت جي پروگرام ۾ شامل نه ٿيندا پوسٽون پڙهڻ، وڊيوز ڏسڻ ۽ پليٽ فارم تي اڪائونٽس کي فالو ڪرڻ جي قابل هوندا، پر پوسٽ يا پسند ڪرڻ جي قابل نه هوندا، في الحال، ڪمپني ٻين ملڪن ۾ هن نئين پروگرام کي متعارف ڪرائڻ بابت ڪجهه نه چيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو