مٺي (ن س): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٽن هفتن اندر مصري شاهه آر او پلانٽ مٺي کي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي پبلڪ هيلٿ کاتي جا بل ادا ڪري بجلي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ گڏوگڌ بجلي جي بحالي کانپوءِ ان جا سمورا (membrane) تبديل ڪري آر او پلانٽ کي جلد فعال ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار نگران وڏي وزير سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ شاهه زمان کھوڙو ۽ چيف انجنيئر سان الڳ الڳ اجلاس دوران ڪيو. نگران وڏي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته اسلم ڏاهري بدران ٻيو ايڪسين لڳائي پلانٽ بحال ڪيو وڃي. اهو واضح هجي ته مصري شاهه آر او پلانٽ 2 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪري ٿو ۽ آر او پلانٽ بحال ٿيڻ سان مٺي شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن کي روزانو 2 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪري سگهجي ٿو. نگران وڏي وزير 1.5 ايم جي ڊي اسلام ڪوٽ آر او پلانٽ جي بحالي لاءِ ڪم شروع ڪرڻ جا حڪم پڻ ڏنا ۽ سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪئي ته سٺو ڪانٽريڪٽر مقرر ڪري اسلام ڪوٽ آر او پلانٽ کي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته جڏهن ڪروڙين رپين سان عوام کي پاڻي پهچائڻ لاءِ پلانٽ لڳايا ويا آهن ته اهي ٺيڪ سان ڪم ڪرڻ گهرجن. هن سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪئي ته هڪ ئي مهيني ۾ 242 ننڍا ۽ وڏا آر او پلانٽ بحال ڪيا وڃن. هن چيو ته مان مٺي ۽ ان جي سمورن ڳوٺن کي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت فراهم ڪندس. وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٿر ڪول بلاڪ ون ۽ 2 جو دورو ڪندي شنگهائي 1320 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ ۽ 128 ميٽر جي اوچائي واري پاور پلانٽ جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي هن شنگهائي پاور پلانٽ جي مختلف حصن جو دورو ڪيو. وڏي وزير کي بريفنگ ۾ کيس ٻڌايو ويو ته کوٽائي ڪري ڪوئلو سڌو سنئون پاور پلانٽ کي فراهم ڪيو ويندو آهي. نگران وڏي وزير ڪنٽرول روم جو معائنو ڪندي نيشنل گرڊ ۾ بجلي جي شامل ٿيڻ جو جائزو ورتو ۽ شنگهائي ڪول فائر پاور پلانٽ کي ساراهيو. ٿر پاور پلانٽ بابت بريفنگ ڏيندي وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي ٻڌايو ويو ته ٿر ڪول بلاڪ ون انٽيگريٽيڊ انرجي پروجيڪٽ سي پيڪ جي ترجيحي منصوبن مان هڪ آهي، شنگهائي پاور پلانٽ جي چمني 120 ميٽر ڊگھي آهي، جيڪا پاڪستان ۾ هينئر تائين هڪ رڪارڊ آهي. شنگھائي اليڪٽرڪ چين جي ھڪ رياست جي ملڪيت آهي، شنگھائي اليڪٽرڪ 30 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ترقي، سيڙپڪاري، تعمير ۽ آپريشن ۾ مصروف آھي. سب کان وڌيڪ پيراميٽر مطابق 1320 ميگاواٽ، پاور پلانٽ سان گڏ 7.8 ايم ٽي پي اي اوپن پٽ مائينگ جو به ڪم ڪري رھي آهي. هن چيو ته شنگهائي اليڪٽرڪ جي مجموعي سيڙپڪاري جي رقم اٽڪل 3 ارب آمريڪي ڊالر آهي جيڪو سي پيڪ ۾ سڀ کان وڏو پاور پراجيڪٽ آهي. ان جي تعمير 2019 ۾ شروع ٿي ۽ ڪمرشل آپريشن 5 فيبروري 2023 تي شروع ٿيو. ان منصوبي سان هر سال 500 ملين ڊالرن جي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ٿئي ٿي ۽ ٿر ۾ 18000 سڌي طرح روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آهن، جن مان 90 سيڪڙو افرادي قوت سنڌ مان اچي ٿي. ٻڌايو ويو ته سي ايس آر جي سرگرمين تي 1.5 ملين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، فنانشل ڪلوز نه ملي سگهيو آهي، سمورا فنڊ شنگهائي اليڪٽرڪ طرفان ترتيب ڏنا ويا آهن، اسان کي زمين جي حصول، آبادي ڪاري ۽ سي او ڊي ڪول ٽيرف لاءِ توهان جي مدد جي ضرورت آهي.










