ٽنڊو غلام حيدر ۾ نوجوان جوڙي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، لاش هٿ

ٽنڊوغلام حيدر (ن س )ٽنڊوغلام حيدر ويجهو نوجوان جوڙي جا وڻ سان ٽنگيل لاش هٿ، پسند جو پرڻو نه ٿيڻ تي جوڙي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو،ڳوٺ موسيٰ چانگ ۾گهرن ٻاهران 18ورهين جي ڪلثوم عرف پري ڌيءُ عبدالحئي چانگ ۽ 20 ورهين جي محمد عرس پٽ عبدالمجيد چانگ جا هٿ آيل لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،علائقي ۾ چوٻول آهن ته نوجوان محمد عرس شادي شده هو، جوڙو هڪ ٻئي کي پسند ڪندو هو، شادي نه ٿيڻ تي ٻنهي ڄڻن انتهائي قدم کنيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو