ٽائون چيئرمين جو سٺو قدم،سئو ٻار اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيا

چڪ (رپوٽر ) چڪ ٽائون ڪاميٽي ۾ انقلاب جي شروعات ٽائون ڪميٽي چيئرمين باگڙي برادري جا سئو ٻار ساڻ وٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايا ھر قسم جي تعاون جو يقين رپورٽ موجب ٽائون ڪاميٽيء جي چيئرمين ڊاڪٽر نويد احمد مهر وائس چيئرمين حاجي محمد عثمان سومرو ، پنهنجي ڪائونسل ميمبرن ۽ ٽيم سميت سماجي اڳواڻ حسين بخش ۽ اختيار سومرو سان باگڙي محلا واري گرڌ وارا جي مندر ۾ وڃي باگڙي محلا جي رهواسين سان گڏجاڻي ڪئي .ان موقعي تي چيئرمين ڊاڪٽر نويد احمد مهر باگڙي برادري سان ڳالهائيندي ڇيو ته هو پنهنجن ٻارن کي پابندي سان اسڪول موڪلين ته جيئن پٺتي پيل باگڙي برادري اڳتي نڪري اچي ڇو ته تعليم انسان جي ٽين اک آھي تعليم کانسواء انسان اڌورو آھي .انھيء موقعي تي 100 ٻار ساڻ ڪري پرائمري اسڪول جلوس جي صورت ۾ وني ٻار داخل ڪرايا..ڊاڪٽر نويد مهر وڌيڪ چيو ته ٻارڙن جي تعليم لاء باگڙي برادري جي هڪڙي ماڻھون کي پابند ڪنداسين جيڪو ٻارن جي والدين کي روزانو پابند ڪندو ته ٻار اسڪول کان رهجي نه وڃن جنهن کي نگرانيءَ لاء اجرت ڏئي باقائده ھڪ نظام جوڙيو ويندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو