ٻڌايو وڃي ته 9 مئي جي واقعن کي ڇو لڪايو پيو وڃي، جاويد لطيف

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته 9 مئي واري واقعي کي ڇو لڪايو پيو وڃي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته قوم کي ٻڌايو وڃي ته سهولتڪارن جو پئسو ڪٿي آهي، اربين رپين جي خرچ جو حساب ڪير ڏيندو.هن چيو ته اڄ به ڪجهه ماڻهو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اهڙي سوچ کي پروموٽ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن توهان اسان کي ليول پلئنگ فيلڊ ڏيو ته شهرت جو پتو پوندو.جاويد لطيف جو چوڻ آهي ته ان وقت به مان چوندو هوس ته سهولتڪاري ٿي رهي آهي، ڪيتريون آڊيو ليڪ ٿيون؟ ن ليگ اڳواڻ اهو به چيو ته اهو به معلوم ٿيڻ گهرجي ته اهي آڊيوز ڪير ليڪ ڪري رهيو آهي، اليڪشن کي تڪراري بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو