سکر (ن س) جي يو آءِ ف طرفان سنڌ امن مارچ شروع ٿي ويو، سکر ۾ جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي کي خطاب ڪندي مولانا راشد محمود سومرو چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 60 ارب قرض ورتو ويو آهي ڪٿي خرچ ٿيا مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي مطابق ٻوڏ ۾ سکر لاءِ 24 لک 25 هزار 318 راشن بيگ ڏنا آهن هن چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي آبادي 16 لک آهي ۽ راشن بيگ 24 لک ڏنا ويا، هڪ سو ٽن هڪ سال ۾ ٻوڏ متاثرن کي دوائون ڏنيون ويون راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته سکر ۾ ٽن مهينن ۾ 2 لک 91 هزار 606 ديڳون پچايون ويون، ٽينٽ 9 لک 18 ہزار 823 ورهايا ويا. 6 لک 4 هزار ترپال. 38 لک 48 هزار 910 مڇر دانيون ورهايون ويون 9 لک 64 هزار کان وڌيڪ سوڙون، 17 لک 72 هزار کان وڌيڪ ڪنبل ورهائڻ جي دعوي ڪئي وئي، سکر کي لٽيندڙن جي ڳچي ۾ هٿ وڌا ويندا، پي ڏاڏن جي جاگير سمجهي اوهان جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا وڃن هن چيو ته ميرٽ جو قتل عام ڪيو ويو آهي، هڪ سال ۾ 77 ارب صرف اتي جي مد ۾ ڪرپشن ڪئي وئي هنن کي ٻڏي مرڻ گهرجي.، سنڌ جي وسلين، معدنيان محفوظ ناهي. 60 لک ٻارڙا تعليم کان ٻاهر آهن
