ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڀ ڄاڻن ٿا ته موسمياتي تبديلي سبب برساتن اسان جي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جي بحالي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزي چيو ته ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جي بحالي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي، ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن جي بحالي حڪومت لاءِ وڏو چئلينج آهي، سڀ ڄاڻن ٿا ته موسمياتي تبديلي سبب برساتن اسان جي ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو.سندس چوڻ هو ته حڪومت متاثرن جي بحاليءَ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان سدائين ايٽمي توانائي کي پرامن مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان نه رڳو سرحدي سلامتي پر غذائي تحفظ لاءِ چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.










