ٻن ڌرين ۾جهيڙو،2 ڀائر قتل، ايمبولينس نه پهتي،لاش واقعي واري هنڌ پيل

خانپورمهر(ن س) خانپورمهر ويجهو شاهپورمهر واري علائقي ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان 2 ڀائر قتل، لاش واقعي واري هنڌ پيل خبرموجب خانپورمهر ويجهو شاھپورمھر جي علائقي ڳوٺ ڳوٺ ڦلو فقير مهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ دوران 2 ڀائر اميد علي ۽ علي گل مهر پٽ الهوسايو مهر مارجي ويا، اطلاع ملڻ تي شاھپور مھر چوڪي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي پر اهلڪارن کي ويجهو نه اچڻ ڏنو ويو، جنهن بعد خانپورمهر مان پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي، پوليس واقعي واري هنڌ پهتل آهي پر پوليس کي لاش نه ملي سگهيا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته 1998 کان راڻو ۽ راوت مهر واري ڌر ۾ پاڻي جي واري تان تڪرار شروع ٿيو جنهن ۾ 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، ايس ايڇ او خانپورمهر اصغر اعواڻ ٻڌايو ته تعلقي اسپتال ۾ 4 ايمبولينس هجڻ باوجود هڪ به نه پهتي آهي ايم ايس جو چوڻ آهي ته تيل ناهي انڪري ايمبولنس نٿا موڪلي سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو