ٻارن جي عالمي ڏهاڙي واڪ بابت اجلاس،اختيارين جي شرڪت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ ڪراچي ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو جي صدارت هيٺ ڇنڇر ڏينهن ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان واڪ جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊي جي سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي معظم علي مري، ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ عامر وحيد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ڊپٽي ڪمشنر ڪمپليڪس ايم اي جناح روڊ ڏکڻ ڪراچي جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيو.ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي جي هدايتن تي ايس ڊي لياري ۾ سرڪاري ملڪيت تي غير قانوني اڏاوتي ڪم بند ڪري عمارت کي سيل ڪيو ويو. عمارت کي مختيارڪار پاران سيل ڪيو ويو. لاڳاپيل عملي ۽ سيڪيورٽي عملدار پڻ موقعي تي موجود هئا. لياري جي موسيٰ لين واري علائقي ۾ EVACUEE TRUST جي وقف زمين تي غيرقانوني اڏاوت جو ڪم هلندڙ هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو