يوم دفاع: ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ 6 سيپٽمبر تي يوم دفاع جي موقعي تي ڪراچي ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.پي اي ايف اصغر خان اڪيڊمي ايئر آفيسر ڪمانڊنگ ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف تقريب جو خاص مهمان هو.پاڪستان ايئر فورس جي ڪيڊٽس مزار قائد تي گارڊز جا فرض سنڀالي ورتا.گارڊز جي تبديلي واري تقريب ۾ 7 عورتن سميت 57 ڪيڊٽس شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مهمان خاص ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات لکيا.مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيف گيسٽ ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف چيو ته اسان جي جوانن ملڪي دفاع لاءِ بيشمار قربانيون ڏنيون آهن.هن چيو ته اسان جي فوج دل ۽ جان سان سرحدن جي حفاظت ڪئي آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان جي شهيدن ۽ غازين جي نالي تي آهي.ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف جو چوڻ آهي ته وطن ۽ آزادي جو قدر اسان کي ورثي ۾ مليو آهي، پاڪ فوج جي هر فتح پٺيان قوم جون دعائون شامل آهن.سندس چوڻ هو ته 6 سيپٽمبر جي جنگ بي مثال ڪاميابي هئي، اڄ شهيدن جي نالي تي آهي، جن جي ڪري اسان سانس وٺي رهيا آهيون.ايئر وائيس مارشل غضنفر لطيف وڌيڪ چيو ته اڄ تجديد عهد جو ڏينهن آهي، پاڪستان کي ترقي ۽ استحڪام جي بلندين تي وٺي وڃڻ جو ڏينهن آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته پاڪستان قائم رهڻ لاءِ قائم آهي، دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي تباهه نٿي ڪري سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو