يوسف بشير سنڌ فوڊ اٿارٽي جو سيفٽي ايڊمنسٽريٽر مقرر

يوسف بشير سنڌ فوڊ اٿارٽي جو سيفٽي ايڊمنسٽريٽر مقرر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) يوسف بشير قريشي وائي بي ڪيو هڪ مشهور فيشن ڊزائنر، فوٽوگرافر، پينٽر، فوڊ سائنٽسٽ ۽ فارمر کي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو فوڊ سيفٽي اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽر پروگرام تحت سنڌ صوبي لاءِ فوڊ سيفٽي اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ فوڊ اٿارٽي هائجين ايڊمنسٽريٽر پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن ۽ ان تي اثر انداز ٿيندڙ ماڻهن کي اعزازي بنيادن تي فوڊ اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويندو. جنهن تحت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نامور ماڻهن ۽ سماج تي اثر انداز ٿيندڙ شخصيتن کي اعزازي بنيادن تي فوڊ اينڊ هائجين ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪيا ويندا. هن پروگرام جو مقصد صوبي جي آبادي جي مختلف طبقن کي غذائيت ۽ خوراڪ، خوراڪ جي حفاظت ۽ حفظان صحت، صحتمند کاڌن جي عادتن ۽ صحتمند غذا برقرار رکڻ جي فائدن جهڙين ضروري موضوعن تي آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين سان ملاقات ۾ حسين، يوسف بشير قريشي عام ماڻهن ۾ فوڊ سيفٽي ۽ حفظان صحت بابت آگاهي جي پروگرام ۾ پنهنجي ڀرپور شرڪت ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو