ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته وڏي وزير کي خبر ناهي ته ڪجهه معاملا رياست جي ماتحت آهن، ۽ جرڳي جي بزرگن کي رياست کان شڪايت آهي.ڊي آءِ خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قبائلين جي آواز کي ٻڌو وڃي، اسان هڪ ٻيو جرڳو سڏائينداسين، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو فيصلو ڪيو ويندو.ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي قبائلي سردارن جو جرگو ٿيو، جنهن ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، ڏکڻ وزيرستان ۽ اتر وزيرستان جي قبائلي سربراهن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته 2012ع کان اسان هڪ مستقل قبائلي جرگهو جوڙيو آهي، قبائلي جرڳي ۾ مختلف مذهبن، فرقن ۽ طبقن جا ماڻهو شامل آهن، پر وقت جي کوٽ سبب انهن سڀني سان انفرادي طور ملاقات نه ٿي سگهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته مان پاڻ کي قبيلن جو حصو سمجهان ٿو، جڏهن به قبيلن جو مسئلو ٿيندو آهي ته اسان ۾ هڪ تحريڪ جنم وٺندي آهي، اسان هميشه قبيلن جي حقن لاءِ ڳالهايو آهي، مون هميشه قبيلن ۽ هن خطي جي حمايت ڪئي آهي. مان امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهيان ۽ ڪندس.










