شهدادڪوٽ(ن س) شهر ۾ وڌندڙ بدامني، چوري، ڦر ۽ ٻين سماجي براين خلاف جيئي سنڌ محاذ، شھري امن ڪاميٽي، شيعا علماء ڪائونسل ۽ نواز ليگ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين جسم اڳواڻ حبدار ميرجت، STP اڳواڻ حيات تونيو، شھري امن ڪميٽي اڳواڻ پپن مگسي، نوازليگ اڳواڻ شعبان جمالي، شيعا علما اڳواڻ ذوالفقار ميرجت، SUP اڳواڻ الله داد خشڪ، قومپرست اڳواڻ تنوير سومرو، سوشل ورڪر اڳواڻ عرفان سيلرو محسن ميرجت ۽ ٻين هٿن پلي ڪارڊ کڻي ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ان موقعي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿي وئي جنهن ڪري فوري طور تي امن بحال ڪيو وڃي ۽ شھر اندر منشيات جوا جا اڏا ختم ڪرائي شهرين کان ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون، موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏئي ڏوهارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري شهرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ مظاهرين پاران احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو پڻ چتاءُ ڏنو آهي.
