ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج خان دراني سان پولينڊ جي ڪمپني هائپر بڪ جي وفد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ چين مان Robert Devskiller Sara Dziublowski ۽ زاهد علي شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪ-پولينڊ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ صوبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وقتي گورنر سنڌ چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ وچ ۾ معاشي سهڪار وڌائڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته اسپيڪر ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پولينڊ ويو آهيان، هن چيو ته زرعي شعبي ۾ تعاون به ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. سنڌ جي وقتي گورنر وفد جي ميمبرن کي صوبي جي ثقافتي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيا
