وفاق مڪي کان مديني حج لاءِ اسان جا ملازم مقرر ڪري،سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت مذهبي معاملن واري وفاقي کاتي کان اهم مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي مذهبي معاملن واري کاتي جي ملازمن کي به مڪي کان مديني حج مشن لاءِ مقرري ۾ شامل ڪيو وڃي. قانون ۽ مذهبي معاملن واري وزير عمر سومرو مذهبي معاملن واري وفاقي وزارت کي احتجاجي خط لکي چيو آهي ته جڏهن صوبائي ڪوٽا مختص ڪئي وئي آهي ته ان تي عمل ڇو ناهي ڪيو ويو؟ مذهبي معاملن واري وزارت جي فلاحي عملي جي اسڪيم تحت حج مشن ۾ انتظامي معاملن جي مقرري ۾ صوبن جو ڪوٽا مختص ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته سعودي عرب ۾ سرڪاري ملازمن کي وفاقي حج مشن ۾ خادم مقرر ڪرڻ ۾ صوبن کي ڪو به حصو نه ڏنو پيو وڃي. حج پاليسي تحت هر سال 300 کان وڌيڪ وفاقي ملازم مڪي ۽ مديني ۾ حج جي فرض دوران حاجين جي خدمت لاءِ مقرر ڪيا ويندا آهن. پر وفاق سنڌ مان هڪ به ملازم حاجين جي خدمت لاءِ نه ٿو گهرائي. مذهبي معاملن واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ سال 2024 ۾ وڌيڪ حاجي حج تي ويندا. حاجين جي وڏي انگ کي نظر ۾ رکندي حج مشن لاءِ وڌيڪ ملازمن جي ضرورت پوندي. خط ۾ قانون واري وزير عمر سومرو چيو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ مذهبي معاملن واري صوبائي کاتي جي ملازمن کي به مڪي مديني ۾ حج مشن دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ مقرري ۾ شامل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو