وفاقي پارٽيون جاگيردارن ۽ سردارن لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل آهن: قادر مگسي

حيدرآباد ( رپورٽر)سنڌ مٿان مسلط ڪيل جاگيرداري ۽ سرداري نظام مان ڇوٽڪاري تائين سنڌ جو مقدر تبديل نٿو ٿي سگهي. وفاقي پارٽيون جاگيردارن ۽ سردارن لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي دبئي ۾ سنڌي ايسوسيئشن آف عرب امارات ( يو ئي اي) پاران ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت بدامني، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ذميوار سنڌ مٿان مسلسل 15 سالن کان حڪومت ڪندڙ پ پ پ آهي جنهن سنڌ کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي اقتدار جي حاصلات ۽ طويل لاءِ پ پ پ نه صرف سنڌ جي وڏيرن ۽ جاگيردارن کي پناه ڏئي طاقتور بڻايو آهي پر انهن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي هو پنهنجي پنهنجي علائقن جا بي تاج بادشاھ بڻيل آهي اغوائن ڦڙن، چورين ۽ قتل جا پيرا کڻبا ته اهي انهن طرف ئي وڃي بيهندا. انڪري سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي بهتر مستقبل لاءِ هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو. پنهنجي ووٽ جي طاقت جو درست استعمال ڪرڻو پوندو. سنڌ جي پورھيت طبقي متحد ٿي هن فرسوده نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي سنڌ ۾ ڀوتارن سان مقابلي لاءِ نوجوان لهندا. سنڌي ايسوسيئشن آف يو ئي اي پاران ڏنل آجياڻي جي صدارت سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي جي چيف آرگنائيزر عرفان چانڊيو ڪئي،جڏهن ته آيل مهمان کي آجياڻو سنڌي ايسوسيئيشن آف يو اي اي جي ڪنوينر دانش حيدري ڏنو،ان موقعي تي يو اي اي جي سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر قادر سرڪي، احسان لغاري، ڊاڪٽر سليم شيخ، نور مگسي، ڊاڪٽر شبير سڌايو، محمد بخش پهنور، رفيق احمد، عبدالصمد منگي ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو