وزيرستان، پوليس اسٽيشن تي فائرنگ، 5 مزدور مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي علائقي جاجاگھنڊ ۾ تعمير هيٺ پوليس اسٽيشن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 مزدور مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.ڏکڻ وزيرستان پوليس موجب گذريل رات اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي.پنجن مزدورن جا لاش ۽ زخمين کي ضلعي اسپتال وانا منتقل ڪيو ويو آهي.ڊي پي او ڏکڻ وزيرستان فرمان الله جو چوڻ آهي ته هو واقعي جي جاچ بعد تفصيل فراهم ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو