وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف اڄ وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.دفاعي ڊويزن ۾ هوائي جهاز ۽ داخلي ڊويزن ۾ منشيات کي شامل ڪرڻ تي غور ايجنڊا تي آهي.اجلاس ۾ قومي عورت ڪاروباري پاليسي ۽ ايڪشن پلان جو مسودو پڻ پيش ڪيو ويندو.اجلاس جي ايجنڊا ۾ پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز ۾ هڪ نئين شق جي منظوري ۽ قومي اقليتي ڪميشن ايڪٽ جي منظوري شامل آهي.ايجنڊا موجب، اي سي اي سي ملازمن لاءِ پيڪيج جو معاملو ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو