لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جون مختلف شخصيتن سان ملاقاتون مثبت رهيون، سندس آمريڪا جو دورو تمام ڪارائتو رهيو.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جون دوست ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون خوشگوار رهيون.ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڪجهه نوان معيار متعارف ڪرايا ويا آهن، ڪجهه غير مستحڪم سياسي قوتون آهن جن جو اثر اسيمبلي تي به پيو.










