ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ورلڊ بئنڪ جي وفد هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو تفصيلي معائنو ڪري مئنيجمينٽ سينٽر جائزو ورتو، ورلڊ بينڪ جي وفد ۾ ريجنل ڊائريڪٽر ڊينا، يوڪو اوڪارا، نورا، فرحان سميع سميت ٻيا شامل هئا، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ساڻس گڏ هئا، جڏهن تہ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر سيوريج سروسز امپروومنٽ عبدالعلا ڀٽي، ڊي ايم ڊي پلاننگ محمد ايوب شيخ، انچارج هائيڊرنٽس سيل الاھي بخش ڀٽو، اسٽاف آفيسر ٽو سي اي او سيد سردار شاھ سميت ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ريجنل ڊائريڪٽر ورلڊ بينڪ ڊينا کي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران واٽر ڪارپوريشن ۾ ڪيل سڌارن سميت هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني، ان کان اڳ ريجنل ڊائريڪٽر ورلڊ بينڪ ڊينا پنهنجي وفد سان گڏ ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد سميت واٽر ڪارپوريشن جي ٻين اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ واٽر ڪارپوريشن ۾ آندل سڌارن ۽ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي سميت ٻين مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ورلڊ بئنڪ جي وفد پاران سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد کي واٽر ڪارپوريشن ۾ هائيڊرنٽس مئنيجمينٽ سينٽر جي قيام سميت ڪارپوريشن ۾ آندل ٻين سڌارن تي سندس ڪوششن کي ساراهيندي چيو تہ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام جي بھتري لاء ورلڊ بئنڪ واٽر ڪارپوريشن سان مڪمل تعاون ڪندو.
