واٽس اپ اسٽيٽس هاڻ فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ ممڪن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ جلد هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي جنهن ذريعي صارفين پنهنجي واٽس اپ اسٽيٽس کي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي هڪ ئي وقت شيئر ڪري سگهندا.ان حوالي سان ويب سائيٽ تي ٻڌايو ويو آهي ته واٽس اپ هڪ ’اختياري شيئرنگ‘ ميڪنزم متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن صارفين کي ٻين پليٽ فارمن تي پنهنجا اسٽيٽس شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.هن نئين فيچر جي متعارف ٿيڻ کان پوءِ واٽس اپ استعمال ڪندڙ هڪ ئي وقت 3 مختلف پليٽ فارمن يعني واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي هڪ ئي اسٽيٽس شيئر ڪري سگهندا.هي فيچر ’اختياري‘ هوندو يعني صارفين کي اهو اختيار هوندو ته هو پنهنجي واٽس اپ اسٽيٽس کي فيس بڪ يا انسٽاگرام تي شيئر ڪرڻ چاهين ٿا يا نه.ان کان علاوه صارفين طرفان شيئر ڪيل واٽس اپ اسٽيٽس کي ڪير ڏسي سگهندو، اهو ڪنٽرول اڳ وانگر ئي صارفين جي ڪنٽرول ۾ رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو