واٽر بورڊ ۾ حضور ﷺ جي ولادت مناسبت سان تقريب،وهاب ۽ ٻين جي شرڪت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) الله تعالي حضور اڪرم ﷺ کي سمورن جھانن جي لاءِ رحمت العالمين بڻائي ڪري موڪليو آھي، حضرت نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جھانن جي ڀلائي آهي، اسان کي پنهنجي زندگي پنھنجي پياري نبي حضرت محمد مصطفي ﷺ جن جي تعليمات ۽ سندن سيرت مطابق گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي،اھڙن خيالن جو اظهار ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد پاران حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ولادت باسعادت جي مناسبت سان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ منعقدہ ھڪ عظيم الشان محفل ميلاد النبي ﷺ ۽ درود سلام جي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ۽ مفتي محمد عابد مبارڪ المدني حضرت نبي ڪريم ﷺ جي سيرت مبارڪ تي تفصيلي روشني وڌي، جڏهن تہ محفل ۾ واٽر ڪارپوريشن جي آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، محفل جي شروعات قاري لياقت قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي، نامياري نعت خوان الحاج صديق اسماعيل، رئیس احمد، سيد بابر علي، سيف علي مدني ۽ محمد حسن نعت مقبول جي سعادت حاصل ڪئي، ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو تہ اڄوڪي بابرڪت محفل ۾ شرڪت اسان سڀني لاءِ فخر جھڙي ڳالھ آهي، حضرت محمد مصطفي ﷺ جي اسواءِ حسنہ ۽ سيرت پاڪ نہ رڳو اسان لاءِ مثال آهي بلڪه زندگي جي هر شعبي لاءِ هڪ بهترين واٽ ۽ مشعل راه آھي، انسان دنيا ۽ آخرت ۾ حقيقي ڪاميابي قرآن پاڪ جي تعليمات ۽ سنت نبوي تي عمل ڪري ئي حاصل ڪري سگهي ٿو، ھن چيو تہ حضرت محمد مصطفي ﷺ جي ولادت با سعادت دنيا مان ظلم ۽ جهالت جي اونداهي کي هميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڳورن جي سيرت مان اسان کي امن، ڀائيچاري، پيار، محبت، صبر ۽ برداشت جو درس ملي ٿو.، حضرت نبي ڪريم ﷺ جي خاصيتن جي ڪري اسلام 1400 سالن ۾ تيزي سان پکڙيو، ھن چيو تہ اڄوڪي پرنور سيرت النبي مصطفيٰ ﷺ جي محفل ۾ ناليواري عالمن ۽ مشھور نعت خوان جنهن محبت ۽ عقيدت سان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جون خوبيون بيان ڪيون آهن يقيناً اهو نہ صرف اسان سڀني لاءِ ثواب جو ذريعو ثابت ٿيو پر ان جي ذريعي اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي صفتن کان واقفيت جو موقعو پڻ مليو، ھن چيو تہ ايم ڊي سيڪريٽريٽ ۾ محفل ميلاد النبي ﷺ منعقد ڪرڻ جو اصل مقصد اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفي ﷺ جن جي تعليمات کي اجاگر ڪرڻ آھي جڏھن تہ حضرت نبي پاڪ ﷺ جي تعليمات مطابق پاڪستان کي وڌيڪ ترقي ڏيارڻ لاءِ اسان کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ھن جو چوڻ هو تہ اسان جي خوشقسمتي آهي جو اسين آخري نبي حضرت محمد مصطفي ﷺ جا امتي آھيون، ان موقعي تي مئير ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي سمورن عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ اڄوڪي هن بابرڪت محفل ۾ اسان سڀني کي اهو عهد ڪرڻو پوندو تہ واٽر ڪارپوريشن سميت شهر جي بهتري لاءِ ڪا بہ ڪسر نہ ڇڏينداسين، محفل جي آخر ۾ سيد محمد علي شاھ ملڪ، قوم ۽ ڪراچي سميت واٽر ڪارپوريشن جي ترقي، خوشحالي، سلامتي ۽ بهتري لاءِ خاص دعا گهري

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو