ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان پاران پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ اسٽاف آفيسر ٽو چيئرمين ۽ صدر انجنيئرز ۽ آفيسر ايسوسيئيشن واٽر ڪارپوريشن نديم احمد ڪرماڻي جي ڀائيٽي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحومه جي وڇوڙي کي سوڳوار خاندان لاء نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ واٽر ڪارپوريشن جا سمورا آفيسر ۽ ملازم مرحومه جي سموري ڪٽنب سان برابر جا شريڪ آهن، الله تبارڪ تعالي مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ مرحومه جي سمورن سوڳوار پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين
