واٽرڪارپوريشن عملي جي آمريڪي قونصلر کي سڌارن، بحالي بابت آگاهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي جي وفد هائيڊرينٽ مئنيجمينٽ سينٽر واٽر ڪارپوريشن پاران تازو ڪيل نئين قدمن ۽ سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي مرڪزي آفيس ڪارساز جو دورو ڪيو، آمريڪي قونصل جنرل جي وفد جي نمائندگي سينيئر انٽرنيشنل واٽر پاليسي جي صلاحڪار يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ ڊاڪٽر ريبيڪا پيٽرس، سينيئر فارن افيئر آفيسر بيورو آف سائوٿ اينڊ سينٽرل ايشين افيئرز وليد هاشمي ۽ اقتصاديات جو ماهر قسیم سعيد ڪري رھيا ھئا، وفد کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر / سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد ھڪ تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني، ان موقعي تي چيف آپريٽنگ آفيسر انجنيئر اسدالله خان ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ساڻس گڏ ھو، مئنيجنگ ڊائريڪٽر / سي اي او واٽر ڪارپوريشن وفد کي ايندڙ سالن ۾ ڪارپوريشن جي تازي سڌارن، بحالي ۽ ويزن بابت آگاھ ڪيو، دوري جي دوران وفد پاران واٽر ڪارپوريشن جي تازو قائم ڪيل هائيڊرينٽ مينيجمينٽ اينڊ مانيٽرنگ سينٽر جو پڻ دورو ڪيو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب ٻٻنهي ڌرين وچ ۾ ملاقات جو اصل مقصد گڏيل دلچسپي جي موقعن کي ڳولا ڪرڻ هو، ملاقات دوران واٽر ڪارپوريشن پاران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪيل تازين انتظامن تي بہ تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ان کان علاوه گڏيل دلچسپي جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ تجربن جي مٽا سٽا، سرسبز ماحول جي شروعات، ٽيڪنيڪل صلاحيت ۾ واڌ، پاڻي جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين کي شامل ڪرڻ جي ارادي تي پڻ ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي آمريڪي وفد پاران واٽر ڪارپوريشن کي جديد ذميوار ۽ خدمت تي ٻڌل افاديت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن جي ڪوششن کي ساراهيندي هائيڊرينٽ مئنيجمينٽ اينڊ مانيٽرنگ سينٽر جي قيام سميت بي مثال آپريشن ڪرڻ تي ۽ پاڻي جي غير قانوني ڪنيڪشنن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ تي سندس ساراھ ڪئي، ان کان علاوه وفد پاران اداري ۾ پاڻي جي جديد فعال نظام سپروائيزري ڪنٽرول ۽ ڊيٽا (SCADA) سسٽم حاصل ڪرڻ بابت پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ ويسٽ واٽر پلانٽ ۽ ريسائڪلنگ جي منصوبن جي موقعن کي ڳولا ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ مستقبل ۾ واٽر ڪارپوريشن سان ڀرپور تعاون ڪرڻ يقين ڏياريو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو