ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)نيو ڪراچي ۾ واردات دوران ڌاڙيلن 2 ڀائرن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ مارجي ويو.واقعي ۾ فرار ٿي ويل نوجوان عامر جهانزيب ٻڌايو ته هو ۽ سندس ڀاءُ صدر ۾ ڪال سينٽر ۾ ڪم ڪن ٿا.نوجوان موجب اڄ صبح هو ڊيوٽي ختم ڪرڻ کانپوءِ موٽرسائيڪل تي سرجاني ٽائون ۾ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته نيو ڪراچي ۾ سليم سينٽر جي پيٽرول پمپ وٽ موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدارن کيس بندوق جي زور تي روڪيو ۽ ڦر ڪري ويا.عامر موجب جڏهن هن مزاحمت ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سندس 35 ورهين جو ڀاءُ عمر جهانزيب سخت زخمي ٿي پيو.نوجوان عامر جهانزيب چيو آهي ته سندس ڀاءُ عمر جهانزيب کي فوري طور تي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو علاج دوران صحتياب نه ٿي سگهيو.
