هن وقت ملڪ ۾ فاشزم وارو ماحول آهي، شبلي فراز

هن وقت ملڪ ۾ فاشزم وارو ماحول آهي، شبلي فراز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت فاشزم جو ماحول بڻيل آهي.اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته ملڪ کي سياسي ۽ آئيني سان کيڏيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جي باني خلاف سمورا ڪيس هڪ هڪ ڪري ختم ٿي ويا آهن، انهن خلاف رڳو توشه خانو ڪيس آهي.هن چيو ته هن وقت توشه خاني جو ڪيس وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) وٽ آهي. القادر يونيورسٽي ۽ توشه خانا ڪيس بي بنياد آهن، باقي سمورن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته بشرا بي بي جا ڪيس ڄاڻي واڻي لٽڪايا پيا وڃن.بشرا بي بي کي سزا رڳو پي ٽي آءِ جي باني کي ايذا ڏيڻ لاءِ ڏني پئي وڃي، سزا ڏيڻي آهي ته ڏيو. ڄاڻي ڪري ڪيسن ۾ دير نه ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو